جنم اشٽمي

جنم اشٽمي: جنم اشٽمي، شري ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڏينهن سان منسوب هندن جو هڪ وڏو تهوار آهي، جن کي ڪرشن اشٽمي،گوڪل اشٽمي، ڪرشن جيئنتي ۽ ڪانهوڙو به چوندا آهن. جنم اشٽميءَ بابت روايت آهي ته اڄ کان اٽڪل ساڍا پنج هزار سال اڳ، دُئا پُر يُگ ۾، 3228 ق. م جي وڪرمي مهيني ۾ بڊي جي سهائي اٺينءَ تِٿ، ٻُڌر (اربع) جي ڏينهن، وشنوءَ جي نائين اوتار شري ڪرشن، جمنا نديءَ جي ڪناري، مٿرا ۾، واسوديوا ۽ ديوڪيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو (ڏسندا: شري ڪرشن، ايندڙ جلد). هيءُ تهوار سنڌ، هند، سريلنڪا، نيپال ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهـندڙ سمورا هندو، آگسٽ- سيپٽمبر ڌاري، هن ڏينهن تي ورت رکي، شري ڪرشن جا بوتا/ مجسما ٺاهي، سينگاري، سڄيءَ رات ستسنگ آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ ٻارَ توڙي وڏا جهولن ۾ جهولي، رانديون کيڏي، هي تهوار ملهائيندا آهن. سنڌ جي ٿر واري حصي ۾ جنم اشٽميءَ کي ڪانهوڙو چون. ٿر جا ماڻهو ان ڏينهن تي ثقافتي لباس پائي، جهنگلي ميوا کائيندا آهن. پارڪر ۾ ان ڏينهن تي دُهل تي ناچ ۽ راسوڙا ڳايا ويندا آهن، ۽ ٻئي ڏينهن تي ڪانهوڙي جو ٺاهيل بوتو، نئين شادي ڪيل عورت مٿي تي کڻندي آهي ۽ ان جي پويان ٻيون عورتون گيت ڳائينديون، ڳوٺ جي ويجهو ڪنهن ترائيءَ جي وچ ۾ وڃي ڦٽو ڪنديون آهن.


لفظ جنم اشٽميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو